ٿوري قوت قراريا

ٿوري قوت قراريا

ٿوري قوت قراريا

ٿوري قوت قراريا (ڪتاب): هي ڪتاب شاعر محمد هنڱورجي (ملزم ٿري) جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سموري شاعري ٿر بابت آهي، جيڪا پڙهڻ سان ٿر جو فطري حسن ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ٿي. بيتن تي مشتمل هن شاعريءَ ۾ ٿر جي ريتن، رسمن ۽ اتان جي ماروئڙن، انهن جي ڏکن سورن ۽ تڪليفن وغيره جو ذڪر سمايل آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعريءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويي، نور احمد جنجھي، ناشاد رحم علي جا رايا شامل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي شاعر جي تصوير سان گڏ محمد ابراهيم جويي، پروفيسر نور احمد جنجھي ۽ ناشاد رحم علي جون سٽون ڏنل آهن. 160 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پريت پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو